ڏکن پٺيان سُک

ڏکن پٺيان سُک

ڏکن پٺيان سُک

ڏکن پٺيان سُک (ڪتاب): هي ڪتاب حڪيم استاد امام بخش مڱريي جي لکيل ٻاراڻين ڪهاڻين جو مجموعو آهي. جيڪو سال 1992ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ شامل نصيحت ڀريل ڪهاڻين جو تعداد سورنهن آهي. جن ۾ ’ورائي ڪوشش ڪر‘، ’ڪاپي ڪرڻ خراب عادت آهي‘، ’وطن لاءِ قرباني‘، ’ايمانداري جو انعام‘، ’ماءُ جي ممتا‘ ۽ ’محنت جو ڦل‘ لاجواب ڪهاڻيون آهن. 52 صفحن تي آڌاريل هي ٻاراڻو ڪتاب ٻارن توڙي وڏن ۾ يڪسان مقبول ٿيو. هي ڪتاب ٻاراڻي ادب ۾ نهايت اهم جڳهه والاري ٿو. هن ڪتاب جي قيمت 6 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو